صحافي اسلم اڪبر قاضي

صحافي اسلم اڪبر قاضي

اسلم اڪبر قاضي

اسلم اڪبرقاضي : ناميارو صحافي محمد اسلم نامياري سياستدان قاضي محمد اڪبر جو پٽ آهي، هو حيدرآباد ۾ ڄائو، سندس تعليم ايم. اي (معاشيات) آهي، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن بينڪنگ شعبي ۾ دوها (قطر) ۽ لنڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1976ع کان وٺي صحافتي پيشي سان وابسته آهي، پهريان روزانه ”سنڌ نيوز“ ۽ انگريزي اخبار ”سنڌ آبرزروَر“ جو ايڊيٽر رهيو. بعد ۾ روزاني ڪاوش، 1990ع ۾ جاري ڪيائين، جيڪا هن وقت سڄي سنڌ ۾ مقبول اخبار آهي. قاضي اسلم هن وقت ڪاوش جو چيف ايڊيٽر آهي. اسلم قاضي پنهنجي ٻن ڀائرن محمد ايوب قاضي ۽ محمد علي قاضيءَ سان گڏ روزانه ”ڪاوش“ ۽ ان گروپ تحت نڪرندڙ اخبارن ”روزانه ڪوشش“، ”روزانه شام“، پهريون سنڌي ٽي وي چئنل ”ڪي ٽي اين“ ۽ تفريحي سنڌي چئنل ”ڪشش“ جو مالڪ آهي. سندس گروپ ميڊيا جي دنيا ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن، سنڌيءَ ۾ ڊائجسٽ ۽ ڪتاب جاري ڪرڻ جا مختلف تجربا ڪيا. سندس ڀاءُ علي قاضي ايڊيٽر آهي. جيڪو پڻ سٺو تجزيا نگار ۽ ليکڪ آهي. اسلم اڪبر قاضي ڪيترائي پرڏيهي دورا پڻ ڪيا آهن. هو هن وقت ”آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي“ (A.P.N.S) جو سيڪريٽري جنرل آهي، ان کان اڳ هوُ ان جي ايگزيڪٽو ڪاميٽيءَ جو به ڪيترا ڀيرا ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ هو پي. بي. اي پاڪستان براڊ ڪاسٽرس ائسوسيئيشن جو وائيس چيئرمين به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو